پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر

پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر

پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر

پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر: ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو مشهور گائڪ پنڊت اُوم ڪرناٿ ٺاڪر، شڪارپور سنڌ جي هانڊن ۾ هر سال ايندو هو. سندس ڳائڻ جو انداز نرالو هو ۽ سندس آواز ۾ مڌرتا هئي، ان ڪري حاضرين محفل کي تمام گهڻو پسند هوندو هو. اوم ڪرناٿ ٺاڪر'>پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر، 26 جون 1897ع ۾ رياست بڙودا جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس گلي ۾ قدرتي ميٺاڄ هو. 13 ورهين جي ڄمار ۾ هندستان جي مشهور گائڪ ”وشنو ڊگمبر“ جو شاگرد ٿيو ۽ ان وٽ 9 سال سنگيت جي سکيا ورتائين. جون 1922ع ۾ پنڊت اُوم ڪرناٿ ٺاڪر نيپال جي راجا وٽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪافي شهرت حاصل ڪيائين. ڪجهه وقت خان صاحب عبدالڪريم خان جو به شاگرد ٿي رهيو. اٽليءَ جي حڪمران مسولينيءَ آڏو به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. 1955ع ۾ کيس ڀارت سرڪار پاران ملڪ جو وڏي ۾ وڏي خطاب ”پدم شري“ مليو. اوم ڪرناٿ ٺاڪر'>پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر ڪافي عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ 28 ڊسمبر 1967ع تي گذاري ويو.


لفظ پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.06.26  عيسوي

پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر، 26 جون 1897ع ۾ رياست بڙودا جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو.


1967.12.28  عيسوي

پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر ڪافي عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ 28 ڊسمبر 1967ع تي گذاري ويو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهنيلا علي
الهڏنو خاصخيلي
پنڪج اُڌاس
طفيل نيازي
پون ڪمار نانڪرام
پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر
رمضان علي خان
ڍول فقير
ظهور احمد
شانتي هيرانند
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون